جهانگارا دڙو

جهانگارا دڙو

جهانگارا (هي نقشواين.جي مجمدار جي ڪتاب ۾ آهي)

جهانگارا (هي نقشواين.جي مجمدار جي ڪتاب ۾ آهي)

جهانگارا2 (ماڳ)

جهانگارا2 (ماڳ): هي ماڳ ٽهڻيءَ کان ڏکڻ طرف، سيوهڻ - جوهي رستي سان، پير آري ڳوٺ کان اولهه ڪراچي ويندڙ رستي جي ڪناري تي موجود آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو ’ڪوٽڙي‘ به چون. جهانگارا دڙو ايراضيءَ ۾ 700 x 375 فٽ آهي، جنهن جي اوچائي 17 فوٽ ٿيندي، جيڪو اتر کان ڏکڻ ڏانهن وڌيل آهي. هن جاءِ تي قديم آثارن جي مشهور ماهر اين. جي. مجمدار به کامان
(Strenches) کوٽايا هئا. هڪ دڙي جي اتر پاسي ۽ ٻيو ڏکڻ پاسي، ٻنهي کامن مان کيس ڪاري رنگ ۽ کوکيءَ اُڪر سان سينگاريل ٿانو مليا هئا. ٿوري کيس هتان مختلف چٽن واريون ٿوريون ٺڪريون به مليون هيون. هتان ملندڙ ٿانون کي مدراس صوبي جي بئنگلور علائقي ڀرسان هتنهالي (Huttanhalli) ماڳ تان مليل چمڪندڙ ٿانون سان ڀيٽي سگهجي ٿو. سنڌ اندر ڪاري رنگ جا ٿانو نه هئڻ جي برابر مليا آهن. هنن ٿانون تي گول ڇلن جي قطار، ٽڪنڊا، چوڪنڊا، لهنواريون ليڪون، اڀي چٽسالي، ٻيگهڙ تي مانڌاڻيون وغيره ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هتان تُنِ ۽ ڪنارن وارن ٿانون جا ٽڪرا به مليا آهن. هتان مليل هڪ ٿانءَ جي اوچائي 16.5 انچ هئي، جنهن جي ڳچيءَ جي چوڌاري گول دائرن جي اُڪر ۽ هيٺيان ٻي پٽيءَ ۾ ڪُرڪيون چٽيل هيون، ان قسم جا ٿانو ڌاتو پاهڻي اوائلي دور سان واسطو رکندڙ آهن. ساڳئي وقت اهي ٿانوَ سنڌو سڀيتا جي پوئين دور جهڪر ۽ لوهم جي دڙي جي ٿانون جا همعصر آهن. جهانگارا دڙي مان چٽ واريون ٺڪريون تمام ٿوريون مليون آهن. ٿانونِ جو رنگ ڳاڙهو آهي، جن تي هلڪي ڀوري يا هلڪي گلابي تَرَ مٿان ميٽائين رنگ جي چٽسالي ٿيل آهي. هتان ٽامي جي آر، ڇيڻي، تير جا پاساڙا، مٽيءَ جون پڪل ٽِڪيون، جانورن جون مورتيون، ٺڪر جون چوڙيون وغيره به مليون آهن، جنهنڪري هن ماڳ کي مجمدار چواڻي ٽامي جي دور جو ماڳ چئي سگهجي ٿو. جهانگارن مان مليل شين کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته ان وقت هنر جي پختگي نه هئي جيڪا پٿر جي گهاڙ ۾ بيڊولائي ۽ ٺڪر جي ٿانو تي چٽساليءَ جي اڻڄاڻائي مان معلوم ٿئي ٿي. هتان جيڪو ڪارو ٿانءُ مليو آهي، ان تي کوکي طرز جي چٽسالي آهي، جيڪو نمونو سولو ۽ سستو آهي. اهڙي اُڪر تڏهن ڪبي آهي، جڏهن ٿانءُ آلو هوندو آهي. عراق ۽ ڪُش مان لڌل ٿانوَ به سادا ۽ چٽساليءَ کانسواءِ آهن، پر مٿن کوکي اڪر ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو